لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي اڳوڻي چيمپيئن ٽيم پشاور زلمي جي بالنگ ڪوچ مشتاق احمد اوپنر صائم ايوب جي ناڪامين تي خاموشي ٽوڙيڇ ڏي.
پشاور زلمي جي بالنگ ڪوچ مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته صائم ايوب کي انجريءَ کانپوءِ سڌي ريت پاڪستان سپر ليگ کيڏائڻ وڏي غلطي هئي.
هن چيو ته جڏهن توهان انجريءَ مان واپسي ڪندا آهيو ته رڳو نيٽ سيشنز ڪافي ناهن هوندا، فارم ۽ رڌم کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ميچ پريڪٽس جي ضرورت هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽورنامينٽ کان اڳ صائم ايوب کي ڪجهه ڪلب ميچون کيڏڻ گهرجن ها يا ان کي اهڙي پريڪٽس ڪرائي وڃي ها جو هو پنهنجي فارم واپس حاصل ڪري سگهي ها پر ائين نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا جي دوري ۾ انجريءَ جو شڪار ٿيندڙ صائم ايوب پي ايس ايل ذريعي واپسي ڪئي پر هو ليگ ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو.
You might also like