سمارٽ فون جو استعمال بيمارين جو ڪارڻ ڪيئن بڻجي ٿو ۽ احتياط ڪيئن ڪجي؟

اڄڪلهه هر ڪو سمارٽ فون جو استعمال ڪندو آهي ۽ اها موبائل فون توهان کي مختلف مرضن جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.
هڪ تحقيق موجب اسان جي سمارٽ فونز جي اسڪرين تي ڪيترائي جراثيم موجود هوندا آهن، جيڪڏهن موبائل فون جي صفائي نه ڪئي وڃي ته مختلف وبائي مرض پکڙجڻ جو خطرو هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀلي توهان هٿ صاف ڪيو پر موبائل فون ذريعي جراثيم توهان کي مختلف مرضن جو شڪار بڻائي سگهن ٿا، تنهن ڪري توهان کي موبائل فون جي اسڪرين کي به صاف ڪرڻ گهرجي.
ماهرن موجب وبائي مرضن کان بچاءَ لاءِ ضروري آهي ته هٿن جي صفائي سان گڏ فون اسڪرين جي صفائي جو به خيال رکيو وڃي، ڇو ته ماڻهو موبائل فون جو استعمال ڪندي اڻ ڄاڻائي ۾ وائرل فلو جهڙن وبائي مرضن کي دعوت ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.