اسان سڀ ڄاڻون ٿا تگ جڏهن صحت جو ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته اسان جو جسم ڪيترن ئي طريقن سان سگنل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.
ائين ئي پير به اسان کي صحت جي خرابي بابت سگنل ڏيندا آهن ۽ صحت جي مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿا.
اسان اڪثر پنهنجن جسم، وزن ۽ چمڙي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ڏسي اندازو لڳائيندا آهيون ته ڇا اهي تبديليون ڪنهن صحت جي مسئلي سبب ٿي رهيون آهن؟ پر اسان اڪثر پنهنجي پيرن تي ڌيان ناهيون ڏيندا، حقيقت ۾ اسان جا پير پڻ اسان جي صحت بابت گهڻا راز کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
ماهرن موجب اسان جا پير، چمڙي، ننهن ۽ رڳون به اسان جي جسم ۾ ٿيندڙ ڪجهه بيمارين جي نشاندهي ڪري سگهن ٿيون، اچو ته ڄاڻون ٿا ته پيرن ۾ ٿيندڙ تبديليون ڪهڙن مرضن جي علامت ٿي سگهن ٿيون.
پيرن جي سوڄ: جيڪڏهن توهان جي پيرن ۾ مسلسل سوڄ رهي ٿي ته اهو توهان جي دل، گڙدن يا جگر ۾ ڪنهن مسئلي جو اشارو ٿي سگهي ٿو.
ننهن پيلا يا نيرا ٿيڻ: جيڪڏهن ننهن جو رنگ تبديل ٿي وڃي ته اها ڦڦڙن ۾ مسئلي ۽ رت جي کوٽ جي علامت ٿي سگهي ٿي.
پير سڙڻ ۽ خارش ٿيڻ: ڪيترن ئي ماڻهن جا پير سڙڻ لڳندا آهن يا انهن ۾ خارش ٿيندي آهي، اهي شگر جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.
اوچتو ڄنگهه ۾ سور: ڄنگهه ۾ بنا ڪنهن سبب جي سور جو مطلب ٿي سگھي ٿو توهان ۾ رت جي کوٽ آهي.
احتياط ڪيئن ڪجي
ماهرن موجب صحتمند خوراڪ ۽ باقاعدا ورزش مسئلن کي گهٽ ڪري سگھي ٿي، باقاعدا ورزش جسم ۾ رت جي رواني کي بهتر بڻائي ٿي، جنهن سان پير صحتمند رهندا آهن پر ياد رهي ته ورزش هڪ مقرر مقدار ۾ ڪئي وڃي.
پيرن جي صفائي: پيرن جي باقاعدي سان صفائي ڪرڻ گهرجي، رات جو سمهڻ کان اڳ پير ضرور ڌوئڻ گهرجن ۽ ننهن کي هر هفتي ڪاٽڻ گهرجي.
آرام ڏيندڙ جوتا: پيرن ۾ سور يا سوڄ جي مسئلن کان بچڻ لاءِ سدائين درست سائيز وارا ۽ آرام ڏيندڙ جوتا پائڻ گهرجن ته جيئن پيرن ۾ رت جي رواني درست رهي ۽ ٻين مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ملي.
سگريٽ نه ڇڪيو: سگريٽ ڇڪڻ جي عادت رڳن کي ڪمزور ڪري ٿي، جنهن سبب مسئلا وڌي سگهن ٿا.
نوٽ: هيءَ ڄاڻ ۽ مشورا رڳو توهان کي آگاهي لاءِ آهن، اها معلومات سائنسي تحقيقن، مطالعي ۽ صحت جي ماهرن جي مشورن تي ٻڌل آهي، بهتر آهي ته ان تي عمل ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.
You might also like