والاريل ڪشمير: فوجي ٽرڪ اونهي کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 3 اهلڪار اجل جو شڪار

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ فوجي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن ۾ 3 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حادثو رام بن ضلعي ۾ نيشنل هاءِ وي 44 تي بيٽري چشمه ڀرسان آچر ڏينهن پيش آيو، فوجي گاڏي روڊ تان تِرڪي 700 فوٽ اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي.
اها ٽرڪ ان فوجي ڪانواءِ ۾ شامل هئي، جيڪو ڄمون کان سرينگر وڃي رهيو هو.
اختيارين موجب حادثي ۾ فوتي اهلڪارن جي سڃاڻپ سپاهي اميت ڪمار، سجيت ڪمار ۽ مان بهادر جي نالن سان ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.