” مودي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي“ ارچنا تيواريءَ ڀارتي ميڊيا جو ڪوڙ وائکو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي صحافڻ ارچنا تيواريءَ پنهنجي تحقيقاتي رپورٽنگ ذريعي ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي پروپئگينڊا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.
ڪشمير جي دوري دوران هن هڪ مقامي ڪشميري ڊرائيور سان ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي ڇرڪائيندڙ ڏيندڙ انڪشاف سامهون آيا.
ارچنا تيواريءَ جڏهن ڊرائيور کان سوال ڪيو ته 6 ڏينهن جي شادي شده جوڙي تي حملو هڪ ڪوڙ آهي؟ ته ڊرائيور جواب ڏنو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپئگينڊا ڪري رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪوڙ آهي ڇو ته ڇوڪرو زنده آهي، ڀارت ۾ سڀ ڪوڙ پکيڙيو پيو وڃي.
صحافي جڏهن سوال ڪيو ته ڇا بيواهه جو بيان ۽ ٻار جي وڊيو ڪوڙ آهي“ جنهن تي ڊرائيور جواب ڏيندي چيو ها، هي سڀ سياسي راند آهي ۽ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان ڪير مذهب بابت ڪيئن پُڇي سگهي ٿو؟
ڊرائيور چيو ته جيڪڏهن ڪشميرين جو قتل عام بند نه ٿيو ته عوام به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو.
ارچنا تيواريءَ کائنس پڇيو ته ڇا هي سڀ مودي جو ڊرامو آهي؟
جنهن تي ڊرائيور چيو ته سڄي ڀارت ڪشمير کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جنگ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن جنگ لڳي ته ڀڄڻ وارن ۾مودي ۽ سندس ٽيم سڀ کان اڳري هوندي.
ڪشميري ڊرائيور وڌيڪ چيو ته ڀارتين مودي سرڪار تي ڀروسو ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.