جنگ لڳي ته ڀارت تباهه ٿي ويندو: کيئل داس ڪوهستاني

ڪراچي (ويب ديسڪ) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت طرفان ڌمڪين تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جنگ ٿي ته ڀارت تباهه ٿي ويندو.
پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اقليتون مڪمل محفوظ آهن، هتي اسان کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته هندو ڌرم ٻئي مذهب جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ڊرامو فلاپ ٿي ويو ٿي، مودي طرفان سدائين چونڊن ۾ مذهب کي نشانو بڻايو ويو آهي.
کيئل داس ڪوهستاني چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون پاڪ فوج لاءِ دعاگو آهن، جنوني مودي کي شڪست ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.