جاڏي وڃون ٿا روڊ بند، وڄائي ڇڏيو اٿوَ: قائم علي شاهه

خيرپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڻي کانسواءِ زندگي نٿا گذاري سگهون، پاڻي اسان جو حق آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين پاڻي لاءِ وڙهي آهي ۽ اڄ به سنڌ جي عوام سان گڏ آھي.
خيرپور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي قائم علي شاهه چيو ته لٺين ۽ ڪهاڙين سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، اڄ سي سي آءِ جو اجلاس آھي ۽ اميد آھي ته پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
هن چيو ته جاڏي وڄون ٿا روڊ بند آهن، ڪينالن جي مسئلي تي ته توهان وڄائي ڇڏيو آ، رستا بند ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ چاهيو ٿا ته توهان جي مرضي، احتجاج ۾ ڦاٿل عورتن ۽ ٻارن جو خيال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.