ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪئنالن واري معاملي تي احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ ملير ڪورٽ جي ٻاهران وڪيلن مظاهرو ڪندي روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو آهي ته مطالبن جي مڃتا ۽ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
ٻئي ڇاسي اوٻاوڙو، گمبٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ به احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، نوشهروفيروز ۾ مورو نيشنل هاءِ وي- دادو چوڪ تي احتجاج ڪندڙڻ ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي.
شاهراهن جي بندش سبب عوام ۽ ٽرانسپورٽر سخت پريشان آهن، جڏهن ته گاڏين ۾ موجود ضروري شيون به خراب ٿيڻ لڳيون آهن.
اوٻاوڙو ۾ وڪيل برادري جو چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، گمبٽ ۾ جاري ڌرڻي ۾ سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن ۽ سنڌ جي فنڪارن به شرڪت ڪري مظاهرين سان يڪجهتي ظاهر ڪئي.
نوشهروفيروز ۾ لڳاتار ڌرڻن ۽ مظاهرن سبب مورو قومي شاهراهه دادو چوڪ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي.
لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۽ ضلعي بار ايسوسيئيشن جي اپيل تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي، عدالتن ۾ پوليس جي داخلا تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪراچي سميت قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٺل ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪندي تڪراري ڪئنالن واري منصوبي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان ترت ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏيندو چيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاج وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو.
Next Post
You might also like