ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ 28 اپريل کان شروع ٿيندڙ انٽرميڊئيٽ جا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا.
اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب انٽر جا امتحان هاڻ 5 مئي کان شروع ٿيندا، تاريخ ۾ تبديلي ٻن سببن جي ڪري ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ ڪارڻ خاص ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ يارهين 2024 جي سائنس، پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ سائنس جنرل گروپ جي شاگردن کي رياضي، ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي پرچن ۾ گريس مارڪس ڏيڻ جو عمل جاري آهي.
تعليمي بورڊ طرفان ٻيو ڪارڻ ميٽرڪ ۽ انٽر جي ڪجهه مرڪزن ۾ ميٽرڪ جا جاري امتحان ٻڌايو ويو آهي.
You might also like