وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو ڪينال مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪينالن جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
ن ليگ قيادت جي هدايت تي راڻا ثناءُ الله سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت کي درياهه مان ڪينال ڪڍڻ تي سخت خدشا آهن، پ پ به ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته پ پ سنڌ جي عوام لاءِ 1991 جي معاهدي تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.