ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي پرامن ڌرڻي تي فائرنگ جي مذمت ڪندي ان کي رياستي بدترين دهشتگردي ۽ پرامن جدوجهد کي بدنيتي سان چٿڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته هي حملو سنڌ جي وجود، وقار ۽ وسيلن تي حملو آهي، سنڌ جي وسيلن تي قابض عنصرن جون اهي ڪارروائيون برداشت جوڳيون ناهن، اسان هن بزدلاڻي حملي کي سنڌ جي پاڻي تي قبضي جي سازش جو حصو سمجهون ٿا ۽ سنڌ جي عوام کي پنهنجي حق لاءِ متحد ٿي ميدان ۾ اچڻو پوندو، اسان رياستي ظلم خلاف پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ شدت سان جاري رکنداسين.
سيد زين شاهه مطالبو ڪيو ته هن حملي ۾ ملوث ماڻهن ۽ انهن جي سرپرستن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
وڪيلن جي ڌرڻي تي فائرنگ جي مذمت، جدوجهد وڌيڪ شدت سان جاري رکبي: زين شاهه
Prev Post
You might also like