ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪينالن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جسقم جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشوري، لاڙڪاڻي، نوشهري فيروز، سجاول، ٺٽي، نواب شاهه، جيڪب آباد، سکر ۽ گهوٽڪي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي.
جسقم ڪارڪنن سنڌ دشمن منصوبي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري مختلف هنڌن تي ڌرڻا پڻ هنيا، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي.
هوڏانهن خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي.
تڪراري ڪينالن خلاف جسقم جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا
You might also like