هانيا عامر ڀارتي ادڪار دلجيت دوسانجهه جي هيروئن بڻجڻ لاءِ تيار، فلم جا تفصيل پڌرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ مزاحيه فنڪار ناصر چنيوٽيءَ انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪارا هانيا عامر جلد ڀارتي پنجابي فلم ” سردار جي ٿري“ ۾ دلجيت دوسانجهه سان گڏ مک ڪردار ۾ نظر ايندي.
ناصر چنيوٽي پاڻ به ڀارت ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي، فلم ”جٽ اينڊ جوليئٽ ٿري “جو حصو به رهيو، جيڪا 2024 ۾ رليز ٿي ۽ شاندار ڪاميابي ماڻي.
هاڻي هڪ انٽرويو دوران جڏهن کائنس ” سردار جي ٿري “ بابت سوال پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته فلم جون 2025 ۾ رليز ٿيندي، جنهن ۾ دلجيت دوسانجهه پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ نهايت بهترين پنجابي ڳالهائي ٿي ۽ فلم ۾ سندس اداڪاري ڏسي مداح دنگ رهجي ويندا.
واضح رهي ته فلم بابت اڳ به ڪجهه تصويرون وائرل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته دلجيت دوسانجهه جي ڪنسرٽ دوران هانيا عامر کي اسٽيج تي سڏڻ واري وڊيو پڻ مداحن جي توجهه جو مرڪز رهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.