ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ليبر اپيليٽ ٽربيونل، ليبر ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي پاڪستان اسٽيل جي 5744 ملازمن بحال ڪري ڇڏيو.
سنڌ ليبر اپيليٽ ٽربيونل پاڪستان اسٽيل جي انتظاميا کي 14 مئي لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا.
پاڪستان اسٽيل جي انتظاميا ملازمن کي برطرف ڪري ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، جتي 22 فيبروري تي ليبر ڪورٽ انتظاميا جي درخواست منظور ڪري ورتي هئي.
درخواست گذار جي وڪيل موجب، پاڪستان اسٽيل جو آڊٽ ڪندڙ شاهدن جو رڪارڊ ئي گم آهي، جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل نقصان ۾ هلي رهي آهي ته پوءِ ساڳئي جاءِ تي نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو ڇو ٺاهيو ويو آهي؟
واضح رهي ته گذريل سال ڊان نيوز هڪ رپورٽ شايع ڪئي هئي جنهن ۾ ذميوار ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو هو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم جي رٿا جوڙي آهي، جنهن لاءِ 700 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، نئين اسٽيل مل لاءِ پاڪستان اسٽيل مل جي ئي زمين مختص ڪئي وئي آهي، ڇو ته تجويز ڏني وئي هئي ته موجوده اسٽيل مل واري جاءِ تي نئين اسٽيل مل قائم ڪئي وڃي.
رپورٽ موجب، حڪومت، روس جي سهڪار سان نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ روس جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير ۽ پاڪستان جي صنعت واري وزير نئين اسٽيل مل جي قيام تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو هو ته روسي نائب وزير پنهنجي حڪومت ۾ اعليٰ سطح تي نئين اسٽيل مل جي تجويز پيش ڪرڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي هئي.
ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جون 2015 کان بند آهي ۽ ان جي نجڪاري بابت به ڪيترائي ڀيرا تجويزون پيش ٿي چڪيون آهن.