نار ملڪن مان تڙي ڪڍيل پاڪستاني پينو فقيرن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين نار ملڪن مان تڙي ڪڍيل پاڪستاني پينو فقيرن خلاف جلد دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.
حڪومتي ذريعن موجب، حڪومت اصولي طور اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهڙن پاڪستاني پينو فقيرن ۽ غيرقانوني طريقي سان ٻاهرين ملڪن ويندڙ شهرين خلاف سخت قدم کنيا ويندا، جيڪي ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا.
ان سلسلي ۾ جلد دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ نيون قانوني ترميمون آندي وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ويجهڙائي ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين نار ملڪن پاڪستاني حڪومت کي شڪايت ڪئي آهي ته پاڪستان مان پينو فقيرن جا ڪٽنب سندن ملڪن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ۽ اتي پنڻ لڳا آهن، جيڪو سندن قانونن مطابق سنگين ڏوهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.