هنداڻي ۾ ” وياگرا “ جهڙا فائدا سامهون اچي ويا

اِهو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اونهاري ۾ هنداڻو جسم کي تازو ۽ توانو رکڻ لاءِ فائديمند سمجهيو ويندو آهي، پر هاڻي نئين طبي تحقيق هنداڻي جو هڪ اهڙو فائدو به ظاهر ڪيو آهي، جيڪو شايد گهڻن لاءِ نئون هجي.
ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هنداڻو کائڻ سان ”وياگرا“ جهڙا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.
آمريڪا جي ٽيڪساس فروٽ اينڊ ويجيٽيبل امپروومينٽ سينٽر جي تحقيق موجب، هنداڻي ۾ قدرتي طور تي موجود ”سائٽرولن“ نالي ڪيميڪل رت جي نالن کي ريليڪس ڪري ٿو ۽ انهن کي کولي ٿو، جيڪو رت جي وهڪري کي بهتر بڻائي ٿو.
واضح رهي ته وياگرا جيڪا عام طور تي ”نيري گوري“ جي نالي سان به مشهور آهي کي جنسي صلاحيت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
تحقيق ۾ شامل ڀارتي ماهر ڊاڪٽر ڀيمو پٽيل جو چوڻ آهي ته” اسان ڄاڻون ٿا ته ڪلنگاڊ (هنداڻي جو سائنسي نالو) جسم لاءِ سٺو آهي، پر جيئن جيئن ان تي وڌيڪ تحقيق ٿي رهي آهي، نوان فائدا سامهون اچي رهيا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته” هنداڻو وياگرا جيان سڌي ريت عضوي کي متاثر نٿو ڪري، پر هي جسم جي رت جي نالن کي نرم ڪري ٿو، جنهن سان رت جو وهڪرو بهتر ٿئي ٿو، انساني جسم تي ڪي به هاڃيڪار اثر نه پون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.