شادي بعد ڪنوار جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تي پوليس گهوٽ جي گھر پهچي وئي

ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي پيلي ڀيت ۾ هڪ گهوٽ طرفان شادي کانپوءِ ڪنوار سان گڏ تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ تي پوليس گهوٽ جي گھر پهچي وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گهوٽ پنهنجي ڪنوار سان شادي جي تصوير انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي، جنهن کان پوءِ پوليس کي شڪ ٿيو ته ننڍي عمر جي شادي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، چائلڊ لائين ٽيم جي هدايت تي پوليس ترت ڪارروائي ڪئي ۽ گهوٽ جي گھر پهچي جاچ شروع ڪئي.
پوليس موجب، ڪنوار جي وارثن کان عمر جي ثابتي بابت دستاويزن جي گهر ڪئي وئي، جيڪي هو پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
ان کان پوءِ شادي سان لاڳاپيل ماڻهن کي چائلڊ ويلفيئر ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويو، جتي انهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهوٽ جي عمر 17 سال ۽ 5 مهينا آهي، ياد رهي ته ڀارت ۾ ننڍي عمر واري شادي جا اهڙا واقعا اڳ به سامهون اچي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.