ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا طرفان متعارف ڪرايل پيرنٽل ڪنٽرول اَپ ڊيٽ کانپوءِ هاڻي 16 سالن کان گهٽ عمر وارا واهپيدار انسٽاگرام تي لائيو اسٽريمنگ فيچر استعمال نه ڪري سگهندا.
ميٽا جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر وارن انسٽاگرام واهپيدارن کي سڌي ريت پيغامن (ڊي ايم ) ۾ شڪي تصويرن کي پاڻمرادو بلر ڪرڻ وارو فيچر بند ڪرڻ لاءِ والدين کان اجازت گهربل هئي.
اِها ايپ ڊيٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي ٽين اڪائونٽ سسٽم جو حصو آهي جنهن کي گذريل سال سپٽيمبر ۾ متعارف ڪرايو ويو هو( جنهن ۾ سورنهن سالن کان گهٽ عمر وارن واهپيدارن کي ڊيفالٽ موڊ تي ٽِين اڪائونٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.) جيڪو ڪنهن به اڪائونٽ کي پاڻمرادو پرائيويٽ ڪري ڇڏي ٿو.
هي فيچر پيغام موڪلڻ جي سهولت گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ واهپيدار کي ميٽا جي حساس مواد جي سيٽنگز ۾ سخت ترين ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو.
ميٽا جو چوڻ آهي ته فيسبڪ ۽ ميسنجر ٻنهي لاءِ ٽِين اڪائونٽس متعارف ڪرايا پيا وڃن.
ڪمپني موجب، سپٽيمبر کانپوءِ عالمي سطح تي اٽڪل پنج ڪروڙ چاليهه لک ننڍي عمر وارن واهپيدارن کي ٽِين اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like