گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ مان نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ

گهوٽڪي (رپورٽر) گھوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ۾ واهه جي ڪپر تان نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.
عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عثمان رُڪ ڀرسان ڏنگڙي واھه جي ڪپر تان 12 ورھين جي نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال پهچايو.
پوليس ٻڌايو ته نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، سندس هڪ ڄنگهه ڪپيل آهي ۽ هوءَ ڪپڙن کان به آجي هئي.
پوليس چيو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ وڌيڪ خبر پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.