سڪرنڊ (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پ پ اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن اهي سنڌ سان سچا آهن ته صدر آصف زرداري ڏنل منظوري واپس وٺي.
سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو قافلو حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج لاءِ سڪرنڊ کان روانو ٿي ويو.
قافلي روانگي وقت صحافين سان ڳالهيندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جو عوام پ پ جي دوکيبازي ۾ نه ايندو ۽ درياهه بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري چڪو آهي.
هن چيو ته سنڌي ماڻهو سمجهن ٿا ڪينال ڪڍي سرسبز سنڌ ۾ سڪائڻ ۾ پ پ به شامل آهي، جيڪڏهن ائين ناهي ته انهن کي اقتدار ڇڏي چٽو موقف رکڻو پوندو ۽ عوام سان گڏ بيهڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي درياهه بچايو تحريڪ ڪينالن رد ڪرائڻ تائين جاري رهندي.
You might also like