وزيراعظم شهباز شريف جو صدر آصف علي زرداري سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، صدر مملڪت آصف علي زرداري سان رابطو ڪري، سندس جلد صحتيابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري جي صحت جي بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا جي اپيل پڻ ڪئي.
واضح رهي ته صدر آصف علي زرداری طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل آهي.
گذريل ڏينهن سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري جي ڪورنا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي ان ڪري کيس آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي ملاقاتن تي مڪمل پابندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم صدر جو علاج ڪري رهي آهي، مڪمل مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب، صدر زرداري طبيعت خراب هجڻ ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جلسي کان بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن صدر آصف علي زرداري کي طبيعت خراب ٿيڻ تي نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.