ذاتي خواهشن لاءِ قومي مفاد قربان ڪرڻ جي سوچ ملڪ سان بي وفائي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي معدنيات جي دولت سان نوازيو آهي، کربين ڊالرن جا خزانا ملڪ جي جبلن اندر موجود آهن، دهشتگرد پاڪستان کي انهن وسيلن مان فائدو کڻڻ کان روڪڻ چاهين ٿا.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان الله پاڪ جو عظيم تحفو آهي، الله پاڪ رمضان مهيني ۾ اهو تحفو عطا ڪيو، پاڪستان جو قيام اسان لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.
هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوج قربانيون ڏئي رهي آهي، ذاتي خواهشن لاءِ قومي مفاد قربان ڪرڻ جي سوچ پاڪستان سان بي وفائي آهي، ملڪ جي عزت ۽ وقار کي داءَ تي لڳايو پيو وڃي، ايندڙ نسل معاف نه ڪندا.
سندس چوڻ هو اسان کي خبر آهي ته دهشتگردن کي مالي مدد ڪٿان ملي رهي آهي، ذاتي اختلاف وساري قومي يڪجهتي ۽ اتفاق ترقي جو واحد رستو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.