عيدالفطر: سنڌ ۾ قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه عيدالفطر تي قيدين جي سزا گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ترجمان موجب وڏي وزير عيد جي موقعي تي سزا يافته قيدين کي 120 ڏينهن جي رعايت ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي.
مراد علي شاهه جي ان قدم سان 820 قيدين کي فائدو ٿيندو، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين کي معافي نه ملندي.
ترجمان ٻڌايو ته موت جي سزا، قتل، جاسوسي، دهشتگردي، ريپ ۽ ڦر جي قيدين کي به رعايت نه ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.