ميرٺ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ميرٺ ۾ جمعت الوداع ۽ عيدالفطر جي نماز رستن تي پڙهڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميرٺ پوليس مسلمانن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو رستن تي نماز ادا نه پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪا به ڀڃڪڙي ٿي ته سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
پوليس موجب، اِها پابندي خاص طور تي جمعت الوداع ۽ عيدالفطر جي نماز لاءِ آهي، جيڪي رڳو مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ پڙهي سگھبيون.
پوليس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته سندس پاسپورٽ ۽ ڊرائيونگ لائسنس به رد ٿي سگھي ٿو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون يا افواهه پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
پوليس موجب، سوشل ميڊيا تي نظر رکي پئي وڃي ۽ فرقيواريت ڦهلائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي روڪيو ويندو.
واضح رهي ته ميرٺ ۾ سيڪيورٽي لاءِ ڊرون ڪئمرائون استعمال ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته پوليس اهلڪارن سان گڏ سادي لباس ۾ به سيڪيورٽي عملدار مقرر ڪيا ويا آهن، خاص طور تي حساس علائقن ۾ واڌو نفري طلب ڪئي وئي آهي.