لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر صائم ايوب انگلينڊ ۾ علاج مڪمل ڪرائڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو،
ذريعن موجب، پي سي بي اڪيڊمي ۾ صائم ايوب جي فٽنيس ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن کانپوءِ ئي سندس پي ايس ايل ۾ شرڪت بابت فيصلو ڪيو ويندو.
صائم ايوب ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ دوران ڄنگهه جي انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن کيس بعد علاج لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو، جتي هن ٽن مهينن جو ري هيب مرحلو مڪمل ڪيو.
جيڪڏهن صائم ايوب فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪري ورتي ته هو پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندو ۽ بنگلاديش خلاف سيريز ۾ به ايڪشن ۾ نظر ايندو.
Next Post
You might also like