ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بيڊ گورننس دهشتگردي کي هٿي ڏيندي آهي ۽ ان جو تدارڪ ضروري آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سيڪريٽريز ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ گورننس جي بهتري، ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد، موجود چئلينجن ۽ رنڊڪن جو جائزو ورتو ويو.
سرفراز بگٽي چيو ته ڪو به سرڪاري آفيسر يا ملازم رياستي بيانيي تان نٿو ڦري سگهي، رياست مخالف عنصرن کي بيڊ گورننس هٿي ڏيندي آهي، جنهن جو تدارڪ ضروري آهي.
هن چيو ته بلوچستان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ هر سرڪاري اهلڪار کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ تي مڪمل ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن عام بلوچ جا مسئلا حل ڪري سگهجن ۽ بلوچستان جو اهو فرد جيڪو ٿڌ ۾ ڏڪندو آهي ۽ گرمي ۾ سڙندو آهي ان کي رليف ڏئي سگهجي.
You might also like