آمريڪي شهر لاس اينجلس کان شنگهائي ويندڙ يونائيٽيڊ ايئرلائن جي اڏام کي ان وقت رستي تان موٽڻو پيو، جڏهن اها خبر پئي ته بوئنگ 787 جهاز جو پائلٽ پنهنجي پاسپورٽ بنا جهاز ۾ سوار ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يونائيٽيڊ ايئرلائن جي اڏام يو اي 198، 22 مارچ تي لاس اينجلس ايئرپورٽ کان شنگهائي لاءِ اڏام ڀري هئي، جنهن تي 257 مسافر ۽ عملي جا 13 ميمبر سوار هئا.
جهاز شنگهائي ڏانهن روان دوان هو پر ٻن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ان کي واپس موڙيو ويو، جيڪو سان فرانسسڪو ايئرپورٽ تي لٿو.
ايئرلائن موجب پائلٽ وٽ پاسپورٽ موجود نه هو، سان فرانسسڪو لهي اسان نئين عملي جو بندوبست ڪيو، جيڪو مسافرن کي وٺي ان ئي شام منزل ڏانهن روانو ٿيو.
جهاز نئين عملي سان رات 9 وڳي سان فرانسسڪو ايئرپورٽ تان اڏام ڀري ۽ 6 ڪلاڪن جي دير سان شنگهائي لٿو.
You might also like