نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن باڪسر سويتي بورا پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي مڙس ڪوڏي ڪوڏي رانديگر ديپڪ نواس هودا تي حملو ڪري ڏنو.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن باڪسر کي پنهنجي مڙس تي حملو ۽ گوڙ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
حملي وقت ديپڪ ڪرسي تي ويٺو رهيو، جڏهن ته اتي موجود ماڻهن جهيڙو ٽاريو.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي ۾ عدالت ۾ طلاق جو ڪيس هلي رهيو آهي، سويتي جو الزام آهي ته ڏاج ۾ مهانگي ڪار ڏيڻ باوجود مٿس تشدد ڪيو ويو.
سويتي بورا ۽ ديپڪ نواس هودا جي شادي 2022 ۾ ٿي هئي، سويتي منهنجي مڙس تي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي آهي.
ديپڪ نواس هودا، جيڪو ڀارت جو مشهور ڪوڏي ڪوڏي رانديگر رهي چڪو آهي، واقعي جي حوالي سان چيو ته ٿاڻي ۾ جاچ دوران زال ۽ سندس پيءُ سخت ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، هنن پوليس جي موجودگي ۾ مون تي حملو ڪيو.
پوليس سويتي، سندس پيءُ ۽ مامي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
You might also like