حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) انگلش فاسٽ بولر جوفرا آرچر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو اسپيل ڪرائي منفي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
آچر تي آءِ پي ايل جي 18هين سيزن جي ٻي ميچ ۾ راجسٿان رائلز ۽ سن رائيزرز حيدرآباد وچ ۾ کيڏي وئي.
سن رائيزرز جي بيٽرن راجسٿان جي بالرن تي قهر بڻجي ڪڙڪي پيا ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 286 رنسون ٺاهيون، جيڪو آءِ پي ايل جي تاريخ جو ٻيو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
ميچ ۾ راجسٿان رائلز جي فاسٽ بالر جوفرا آرچر آءِ پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو اسپيل هلايو ۽ پنهنجي ڪوٽا جي 4 اوورن ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي 76 رنسون ڏئي ڇڏيون، جيڪو آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ ڪنهن به بالر جو سڀ کان مهانگو اسپيل آهي.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ گذريل سال گجرات ٽائيٽنز جي بالر موهت شرما وٽ هو، جنهن 4 اوورن ۾ 73 رنسون ڏنيون هيون.
واضح رهي ته سن رائيزرز حيدرآباد جي 287 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ راجسٿان رائلز 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 242 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 44 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ايشان ڪِشن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
You might also like