ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 800 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 18 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 686 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 72 هزار 633 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر گهٽجڻ سان 3022 ڊالر في اونس آهي.
You might also like