واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سفير ابراهيم رسول کي ”ناپسنديده شخصيت“ قرار ڏنو ويو آهي.
سماجي رابطن جي پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته”ابراهيم رسول جو هاڻي اسان جي عظيم ملڪ ۾ آڌر ڀاءُ نه ڪيو ويندو.“
هن الزام هنيو ته ابراهيم رسول رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ماڻهن کي نشانو بڻائي ٿو ۽ صدر ٽرمپ سان گڏ آمريڪا سان به نفرت ڪري ٿو.
مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته ”اسان کي ڏکڻ آفريڪا جي سفير سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪرڻي،کيس ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو پيو وڃي.“
ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سفارتخاني پاران اڃا تائين آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان تي ڪو به ردعمل نه آيو آهي.
ان بيان کان اڳ ئي آمريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي لاڳاپن ۾ ماٺار هئي، صدر ٽرمپ هڪ ايگزيڪٽيو آرڊر جاري ڪندي تڪراري ايراضي ايڪٽ بابت قانون سبب ڏکڻ آفريڪا جي امداد معطل ڪري ڇڏي هئي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ان تڪراري قانون سبب اتي اڇي نسل وارن جي زرعي زمينن تي قبضو ڪيو ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو ڏکڻ آفريڪي آبادگارن جي آمريڪا ۾ آجيان ڪندو.
هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا جي صدر سريل رامافوسا ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي حڪومت جي پاليسين جو دفاع ڪندي چيو هو ته ”اسان جو آئين اسان کي هدايت ڏئي ٿو ته اسين ماضي جي نسلي امتياز جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻون.“