اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان شهرين کان هڪ ليٽر پيٽرول تي 107 رپيا 12 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 104 رپيا 59 پيسا ٽيڪس، ڊيوٽيز ۽ مارجنز جي وصولي جو انڪشاف ٿيو آهي.
شهري تيل اگهن تي ٽيڪس، ڊيوٽيز ۽ مارجن جي بار ۾ دٻيل آهن، سرڪاري دستاويز موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽروليم ليوي جو سڀ کان وڌيڪ بار شهرين تي وڌو ويو آهي.
دستاويز موجب پيٽرول جي في ليٽر ۾ 15 رپيا 28 پيسا ڪسٽمز ڊيوٽي شامل آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر ۾ 15 رپيا 78 پيسا ڪسٽمز ڊيوٽي شامل آهي، پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 8 رپيا 64 پيسا في ليٽر ڊيلرز جي ڪميشن وصول ڪئي پئي وڃي.
دستاويز موجب في ليٽر پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن آهي، پيٽرول جي في ليٽر ۾ 5 رپيا 33 پيسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائزيشن مارجن (اي ايف اي ايم) شامل آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر ۾ 2 رپيا 30 پيسا اي ايف اي ايم شامل آهي.
دستاويز موجب هن وقت پيٽرول، ڊيزل تي ڪنهن قسم جو ڪو سيلز ٽيڪس وصول نه پيو ڪيو وڃي پر ڊيوٽي کان اڳ پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 148 رپيا 51 پيسا في ليٽر ٺهي ٿي، شهرين لاءِ پيٽرول جي قيمت 255 رپيا 63 پيسا في ليٽر مقرر آهي.
دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 154 رپيا 06 پيسا في ليٽر ٺهي ٿي، شهرين لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 258 رپيا 64 پيسا في ليٽر مقرر آهي.
You might also like