ڪا به ايجنڊا، ڪا به تحريڪ ۽ ڪا به شخصيت ملڪي سلامتي کان وڌيڪ اهم ناهي: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي کان وڏي ڪا به ايجنڊا، ڪابه تحريڪ ۽ ڪا به شخصيت نه آهي.
قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽيءَ سان خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته جيڪڏهن هيءُ ملڪ آهي ته اسان آهيون ۽ اسان لاءِ ملڪ جي سلامتي کان وڌيڪ ڪا به شئي اهم ناهي.
هن چيو ته عالمن کي درخواست آهي ته هو خارجي سوچ طرفان اسلام جي مسخ ٿيل تشريح کي وائکو ڪن.
آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيءَ جنگ اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي، پائيدار استحڪام لاءِ قومي طاقت جي سڀني عنصرن کي هم آهنگيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي بهتر حڪمراني ۽ رياست کي هڪ مضبوط اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪيتري عرصي تائين هڪ نرم رياست جي طور تي بيشمار جانيون قربان ڪندا رهنداسين؟ اسان حڪمرانيءَ جي گيپس ڪيستائين فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀريندا رهنداسين؟
جنرل عاصم منير چيو ته جيڪڏهن ملڪ آهي ته اسان آهيون، تنهنڪري ملڪ جي سلامتي کان وڌيڪ اسان لاءِ ڪجهه به ناهي.
هن چيو ته پاڪستان جي تحفظ لاءِ سڀني کي متحد ٿي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ گڏيل بيانيو اختيار ڪرڻو پوندو.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته جيڪي سمجهن ٿا ته هو پاڪستان کي دهشتگردن ذريعي ڪمزور ڪري سگهن ٿا، انهن لاءِ اڄ جو ڏينهن پيغام آهي ته اسان متحد ٿي نه رڳو کين پر سندن سڀني سهولتڪارن کي به شڪست ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.