اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي کي پاڙئون پٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن، سياسي قيادت، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير، اهم وفاقي وزيرن ۽ فوج ۽ انٽييليجنس ايجنسين جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيو، جيڪو 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
پڌرائي موجب ، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي ملڪ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو عزم کي ورجايو.
اجلاس ۾ رياستي طاقت سان ان خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي ۽ سياسي گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي يڪجهتي ضروري قرار ڏني وئي.
ڪميٽي نئين نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام حڪمت عملي تي فوري عمل درآمد تي زور ڏنو، جيئن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ، سندن لاجسٽڪ سپورٽ ۽ ڏوهاري عنصرن سان سندن ڳٺ جوڙ جو خاتمو آڻي سگهجي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس ۾ دهشتگرد گروهن جي سوشل ميڊيا جي وڌندڙ غلط استعمال تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ ان جي اثرائتي روڪٿام جا قدم کڻڻ تي به زور ڏنو ويو.
ڪميٽي دهشتگردي جي ڊجيٽل نيٽ ورڪ خلاف سخت ڪارروائي لاءِ به حڪمت عملي جوڙڻ تي زور ڏنو. قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي فوج، پوليس، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ انٽيليجنس ادارن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ واضح ڪيو ويو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.
ڪميٽي واضع ڪيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪنهن به گروهه، فرد يا اداري کي دشمن طاقتن سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن جي غيرحاضري تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته ان معاملي تي وڌيڪ مشاورتي عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.