ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ” ڇاوا “ کي ڀارت ۾ مسلمانن خلاف نفرت وڌائڻ ۽ مغل بادشاهه اورنگزيب جي مقبري کي ساڙڻ ۽ مٿس حملي جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مهارشٽرا جي وڏي وزير ديوندر فڙنويس رياستي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران چيو ته وڪي ڪوشل جي فلم ڇاوا رياست ۾ مسلمانن ۽ خاص طور مغل بادشاهه اورنگزيب خلاف ماڻهن جي جذبن کي ڀڙڪايو.
سندس چوڻ هو ته فلم ڏسڻ کانپوءِ ماڻهن اورنگزيب جي مقري تي حملو ڪري ان کي ڊاهڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
وڏي وزير موجب، مهارشٽرا جي شهر ناگپور ۾ ٿيل منظم حملن مان اِهو محسوس ٿئي ته ان جي اڳواٽ رٿابندي ڪئي وئي هئي.
ٻئي پاسي ناگپور ۾ 17 مارچ تي هندو انتهاپسندن مغل بادشاهه اورنگزيب جي مقبري تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي ۽ مطالبو ڪيو هو ته سندن مزار هٿان هٽائي مقبرو ڊاهيو وڃي.
ناگپور ۾ ٿيل تشدد ۽ مظاهرن دوران مقدس مذهبي ڪتاب کي باهه ڏيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته حملن ۽ مظاهرن دوران 30 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ناگپور ۾ هندو انتهاپسندن جي حملن کانپوءِ ٿيل وڳوڙن کانپوءِ پوليس شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي پنجاهه کان وڌيڪ شرپسندن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ياد رهي ته ڇاوا گذريل سال ڊسمبر ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ وڪي ڪوشل مک ڪردار ادا ڪيو آهي، فلم جي ڪهاڻي مراٺا سلطنت جي ٻئي حڪمران سمڀاجي مهاراج جي چوڌاري ڦري ٿي جڏهن ته فلم مغل دور کي ظالماڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، فلم ۾ اورنگزيب جو ڪردار اڪشي کنا نڀايو آهي.
مهاراشٽرا جي وڏي وزير موجب، فلم ۾ مغل بادشاهن کي هندن مٿان ظلم ڪندي ڏيکارڻ تي ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا ۽ هنن اورنگزيب جي مقبري تي به حملو ڪيو.
”ڇاوا“ تي مسلمانن لاءِ نفرت وڌائڻ جو الزام، هندن جو اورنگزيب جي مقبري تي حملو
Next Post
You might also like