راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان سندس ڀينرن ۽ وڪيلن جي ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، عمران خان پارٽي اڳواڻن جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) يا قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت بابت فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته اي پي سي يا قومي سلامتي ڪميٽي ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو بهتر هو.
ملاقات دوران عمران خان کي مخالف ڌر جي اتحاد جي فيصلن بابت آگاهه ڪيو ويو.
هن محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس جي موقف جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته اختر مينگل جي فيصلي کي به درست قرار ڏنو.
هن اختر مينگل ۽ سندس پارٽي خلاف ٿيل ڪاررواين جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو محمود خان اچڪزئي جي جاءِ تي هجي ها ته ساڳيو فيصلو ڪري ها.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران عمران خان مائنس ون فارمولي تي به ڳالهايو.
ان کان اڳ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي اخبار ۽ ٽي وي تائين رسائي حاصل نه آهي، جنهن سبب هن کي تازن واقعن بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي.
عليما خان موجب، عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس بابت ٻڌائڻ تي چيو ته انڪري ئي سندس اخبار ۽ ٽي وي بند ڪئي وئي آهي.
عمران خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سندس اجازت کانسواءِ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندي، پارٽي قيادت منهنجي اجازت سان ئي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ شامل ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته 2021 تائين دهشتگردي گهٽجي وئي هئي، پر 2022 ۾ ٻيهر وڌڻ لڳي، افغانستان اسان جو دشمن نه آهي، ان کي دشمن بڻائڻ مناسب نه آهي.
عليما خان موجب، عمران خان واضح ڪيو ته هو ملڪ ۾ آزادي، اتحاد ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ بيٺو آهي، جيڪڏهن جيل ۾ رهڻو پوي ته رهندو، پر اصولن تان نه هٽندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪيس رولڙي جو شڪار آهن ۽ ملاقاتن تي بندش آهي، ملڪ ۾ قانون نالي شئي ناهي.
ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ۽ ٻين اهم سياسي توڙي عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.
تحريڪ انصاف جي ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪئي.
پي ٽي آءِ اڳ ۾ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو هو ۽ پنهنجا نالا به موڪليا هئا، پر پوءِ اوچتو شرط رکيو ته پهرين عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.
صبح ٿيندي ئي هڪ نئون مطالبو سامهون آيو ته عمران خان کي اجلاس لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو وڃي.