لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جاتي امرا پهچي ويو.
پارٽي ذريعن موجب، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مسلم ليگ ن جي صدر، اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ نون ليگ اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ جاتي امرا مان واپس روانو ٿي ويا.