ناڻي وزارت جو سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن نه وڌائڻ بابت وضاحتي بيان جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي وزارت واضح ڪيو آهي ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي اهڙيون خبرون بي بنياد آهن.
ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي جي فلور تي خطاب ڪندي اهڙو ڪو به اعلان ناهن ڪيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو بيان ڏنو آهي، سندس نالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.
بيان موجب، ناڻي واري وزير خطاب ۾ سرڪاري ملازمن جي پيسڪيليز يا پگهارن بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.