اداڪارا ناديا حسين کي تصديق کانسواءِ جعلي فون ڪال ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر سان جوڙي بليڪ ميلنگ جا الزام لڳائڻ مهانگو پئجي ويو.
ايف آءِ اي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سائبر ڪرائم سرڪل ناديا حسين سان رابطو ڪري ورتو آهي.
اختيارين موجب، ايف آءِ اي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش تي ناديا حسين خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ۽ کيس ايندڙ هفتي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناديا حسين ٻڌايو ته اڄ صبح ايف آءِ اي جي ٽيم آئي، جنهن فون ڪال ۽ سندس بيان بابت معلومات ورتي.
ناديا حسين جو چوڻ هو ته هن ايف آءِ اي عملدارن کي سمورا تفصيل ٻڌايا ۽ سوشل ميڊيا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ واضح طور لکيو هو ته اِها فيڪ ڪال هئي.
هن دعويٰ ڪئي ته پوسٽ ڪرڻ کان اڳ ايف آءِ اي کي ان فراڊ ڪال بابت آگاهه به ڪيو هو.
هن اها به وضاحت ڪئي ته کيس گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پر ايندڙ هفتي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گهرايو ويو آهي.
ياد رهي ته ناديا حسين سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو پيغام شيئر ڪندي الزام هنيو هو ته ايف آءِ اي عملدارن سندس مڙس جي ڪيس ۾ 50 لک رپيا رشوت طلب ڪئي آهي.
You might also like