اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن بابت فيصلو ٿي ويو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پيٽروليم شين جا موجوده اگهه برقرار رکندي ان جو پورو مالي فائدو بجلي جي قيمتن ۾ عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته اهو قدم انهن قدمن مان هڪ آهي، جيڪي بجلي اگهن ۾ لاٿ جو ڪارڻ بڻجندا، بجلي اگهن ۾ لاٿ بابت گڏيل ۽ اثرائتي حڪمت عملي تحت پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، پيڪيج جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون.
شهباز شريف چيو ته بجلي اگهن ۾ لاٿ بابت پيڪيج جو اعلان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪيو ويندو، حڪومت سنڀاليندي ئي عوامي رليف کي ترجيح ڏيڻ جو عهد ڪيو هو.
You might also like