ناليوارو قانوندان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو قانوندان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير خالد انور 87 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
خالد انور جو لاڏاڻو ڪراچي ۾ ٿيو، سندس پٽ راشد انور ايڊووڪيٽ موجب پيءُ ڪجهه عرصي کان بيمار هو ۽ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ صبح گذاري ويو.
مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي جمعي جي نماز کانپوءِ سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي ويندي.
مرحوم جو پيءُ چوڌري محمد علي پاڪستان جو چوٿون وزيراعظم هو، خالد انور بيرسٽر ايٽ لا ۽ سينٽ جان ڪاليج ڪيمبرج يونيورسٽي مان گريجوئيٽ هو.
خالد انور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت ۾ 1997 کان 1999 تائين قانون وارو وزير رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.