ڪتي پنهنجي مالڪ کي گولي هڻي ڇڏي

ڪتو ڪنهن انسان کي ڏاڙهي ته اها وڏي ڳالهه ناهي پر آمريڪا ۾ هڪ ڪتي پنهنجي مالڪ کي گولي هڻي ڇڏي.
اهو واقعو آمريڪي رياست Tennessee ۾ پيش آيو، جيراڊ ڪرڪ ووڊ نالي شخص پوليس کي رپورٽ ڪيو هو ته هو هٿيار سان گڏ ستل هو ته اوچتو ڪتو ٽپو ڏئي آيو ۽ حادثاتي طور هٿيار مان گولي ڇُٽي وئي، اها گولي ان شخص جي ڄنگهه ۾ لڳي.
جيراڊ جي ڪتي جي ڄنگهه هٿيار ۾ ڦاسي پئي هئي، ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش دوران گولي هلي وئي.
زخمي شخص کي اسپتال پهچايو ويو ۽ ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.