واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا تي ٽيرف ٻيڻو ڪري ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اسان ڪينيڊا جي اسٽيل ۽ ايلومينيم جي درآمدن تي طئي ٿيل ٽيرف کي ٻيڻو ڪنداسين.
اڱاري جي صبح هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٽرمپ چيو ته اهو اونٽاريو طرفان ڪجهه آمريڪي رياستن کي بجلي جي برآمدن تي 25 سيڪڙو سرچارج لڳائڻ جي فيصلي جو جواب آهي، اسٽيل ۽ ايلومينيم تي وڌندڙ ٽيرف اربع کان لاڳو ٿيندو.
واضح رهي ته ڪينيڊا جي صوبي اونٽياريو آمريڪي رياستن کي ڏني ويندڙ بجلي تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي.
You might also like