مسئلو اِهو آهي ته آرمي ايڪٽ تحت عام شهري ڏوهه ڪري ته ڇا ٿيندو؟ آئيني بئنچ جي جج پڇاڻو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو ته جيڪڏهن آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه عام شهري ڪري ته ڇا ٿيندو؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڪيل حامد خان پنهنجا دليل پيش ڪيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ طئي ٿيو هو ته آرمي ايڪٽ فوج جي ميمبرن لاءِ آهي، پر ان ڪيس ۾ اهو به چيو ويو ته آرمي ايڪٽ جو سيڪشن ڊي ان مقصد لاءِ ناهي ٺهيو.
جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ هو ته ايف بي علي ڪيس ۾ پارليامينٽ کي ٻن سالن اندر نظرثاني ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، پر اڄ تائين ان تي ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي.
وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالتن جي حمايت ڪندڙن جو دارو مدار آئين جي آرٽيڪل 8(3) تي آهي.
جسٽس مندوخيل وڌيڪ چيو ته اصل مسئلو هيءُ آهي ته آرمي ايڪٽ جي حدن کي عام شهرين تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو يا نه؟
وڪيل حامد خان موقف اختيار ڪيو ته آرمي ايڪٽ جون اهي شقون، جن تحت عام شهريءَ جو ٽرائل ٿيندو آهي، غير آئيني آهن.
حامد خان جو چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 175 ٽي موجب عدليا کي انتظاميا کان الڳ رکڻ لازمي آهي.
ان تي جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته عدليا کي انتظاميا کان الڳ ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟ ڇا عدليه پاڻمرادو انتظاميا کان الڳ تصور ٿيندي يا پارليامينٽ کي ان جو ڪو اعلان ڪرڻو پوندو؟
جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته آئين جا لفظ واضح آهن ۽ ان لاءِ پارليامينٽ جي ڪنهن اعلان جي ضرورت نه آهي.
جسٽس علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فوجي عدالتون رڳو فوج جي ميمبرن لاءِ آهن ته پوءِ مڃڻو ڪرڻو پوندو ته اهي متوازي عدالتي نظام آهن ۽ آئين جي آرٽيڪل 175 ٽي تي وڌيڪ وضاحت ضروري آهي.
سپريم ڪورٽ جي هڪ اڳوڻي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته فوجي عدالتون آرٽيڪل 175 ٽي جي دائري ۾ نٿيون اچن ۽ ان کي تاريخي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران لاهور بار ايسوسيئيشن جي وڪيل حامد خان پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جڏهن ته هاڻي وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث پنهنجو جواب جمع ڪرائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.