ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جا شهري اڃا اي چالان سسٽم کي ئي ناهن سمجهي سگهيا ته هاڻ وري روبوٽ انهن جو ٽريفڪ چالان ڪندا.
ان جو باضابطا اعلان پاڻ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته ڪراچي ۾ اي چالان لاءِ ٽيون طريقو به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اهو روبوٽس ذريعي هوندو.
هن چيو ته ايندڙ مهيني کان اسان مختلف روڊن تي نو پارڪنگ ۽ نو ٽو لين جا بورڊ لڳائي رهيا آهيون، صدر ۽ طارق روڊ سميت مختلف روڊن تي روبوٽ هلندا، انهن جي اسپيڊ 20 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هوندي.
سندس چوڻ هو ته روبوٽ هلندي گاڏين کي اسڪين ڪندا ويندا ۽ جيڪا به گاڏي پارڪنگ يا ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هوندي ته ان کي اي چالان وصول ٿي ويندو.
Prev Post
You might also like