پنهنجي مالي فائدن لاءِ ڀارت جي هر ڳالهه مڃيندڙ ۽ ان کي عالمي ڪرڪيٽ جو بادشاهه بڻائيندڙ بورڊن کي به هاڻ ڀارت جي ڏاڍ مڙسي بُري لڳڻ لڳي.
موجوده توڙي اڳوڻي ڪرڪيٽرن پيٽ ڪمنز، اسٽيو سمٿ، ناصر حسين، ڊيوڊ ملر ۽ ٻين کانپوءِ هاڻ برطانوي ميڊيا به چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت کي ملندڙ فائدن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ٽورنامينٽ دوران ٻين ٽيمن کي ٻن ملڪن وچ ۾ هزارين ڪلو ميٽرن جو سفر ڪرڻو پيو پر ڀارتي ٽيم دبئي ۾ موجود رهي ۽ ان ڪو سفر نه ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ سڀ کان وڌيڪ 7048 ڪلو ميٽر سفر ڪيو، ان حوالي سان ڪيوي ڪپتان به چيو آهي ته ڀارت کي ايڊوانٽيج حاصل آهي.
برطانوي اخبار ”ٽيلي گراف“ به ڀارت کي هڪ ئي گرائونڊ تي ايڊوانٽيج ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل جو ٽاس ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڀارتي ڪپتان کان ئي پڇيو وڃي ته کيس بالنگ ڪرڻي آيا بيٽنگ.
You might also like