ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ نوي جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿيل مشهور فلم ”جدائي“ کي اڄ به هڪ ڪلاسڪ طور ياد ڪيو ويندو آهي.
هن فلم نه رڳو باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻي، پر فلم جا ڪيئي گيت ۽ ادڪارن به فلمي شوقينن جي دلين ۾ گهر ڪري ويهي رهيا.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هن فلم جي هيرو انيل ڪپور شروع فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو؟
انيل ڪپور هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته جدائي فلم ۾ پنهنجي ڪردار سان جذباتي طور نڀائي نه پئي سگهيو، جنهن سبب هن انڪار ڪيو.
انيل ڪپور جو چوڻ هو ته مون بار بار ان فلم لاءِ نه چيو، ڇو ته مان فلم جي مک ڪردار لاءِ پاڻ کي فٽ محسوس نه پئي ڪيو.
پر انيل ڪپور تي سندس خاندان طرفان فلم قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ڇو ته تن ڏينهن ۾ سندن پروڊڪشن ڪمپني مالي مسئلن جو شڪار هئي.
انيل ڪپور ٻڌايو سندن پروڊڪشن ڪمپني ”روپ ڪي راني، چورن ڪا راجا“ جي ناڪامي کان پوءِ مالي مسئلن جي ور چڙهي وئي، ان ڪري هن تي فلم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
انيل ڪپور فلم”When a Man Loves a Woman“ ڏسڻ کانپوءِ جدائي لاءِ حامي ڀري ورتي خوشي آهي ته مون فلم ۾ ڪم ڪيو.
انيل ڪپور، سري ديوي ۽ ارميلا سان گڏ ڪم ڪرڻ کي هڪ يادگار تجربو قرار ڏنو.
هن چيو ته سري ديوي ۽ ارميلا جهڙين شاندار اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جو پنهنجو ئي هڪ جادو هو.
هن ٻڌايو ته ان وقت فلم ٺاهڻ جو انداز بلڪل مختلف هو، جيڪو اڄ به يادگار لڳي ٿو.
واضح رهي ته فلم جدائي باڪس آفيس تي وڏي ڪاميابي ماڻي.
فلم جو بجيٽ 6.30 ڪروڙ رپيا هو، جڏهن ته ان 48.77 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا ۽ اها ان سال جي ستين سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فلم بڻجي وئي.
فلم 8 کان وڌيڪ اوارڊز حاصل ڪيا، جن مان سري ديوي کي بهترين اداڪارا جو اوارڊ مليو، جڏهن ته ارميلا ماٽونڊڪر بهترين مددگار اداڪارا جو اوارڊ حاصل ڪيو.
فلم جدائي جا گيت ا اڄ به فلمي شوقينن جي دلين ۾ زنده آهن.
نديم شرف الدين ۽ شراون ڪمار رٺوڙ جي موسيقي فلم کي اڃا به يادگار بڻايو.
فلم جي ڪاسٽ ۾ پاريش راول، سعيد جعفري، فريده جلال ۽ جاني ليور جهڙا مشهور اداڪار به شامل هئا.
Prev Post
Next Post
You might also like