پشين: دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 4 دهشتگرد گرفتار

پشين (ويب ڊيسڪ) پشين ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، سيڪيورٽي فورسز توبه ڪاڪڙي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
ليويز اختيارين موجب گرفتار دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو.
اختيارين ٻڌايو ته آپريشن ۾ راڪيٽ لانچر، اينٽي ٽينڪ مائينر، آپگهاتي جيڪيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان برآمد ٿيو، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ مختلف قسم جو بارودي مواد به برآمد ٿيو.
ليويز اختيارين موجب دهشتگردن کي جاچ لاءِ ڳجهي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، گرفتار دهشتگردن جو واسطو افغانستان سان آهي، اهي بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.