رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ڪلب النصر جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو طرفان ايران جو سفر نه ڪرڻ بابت حيران ڪندڙ سبب سامهون اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اي ايف سي چيمپيئنز ليگ جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ لاءِ رونالڊو پنهنجي ٽيم سان گڏ تهران نه وڃي سگهيو، جنهن جو اهم ڪارڻ هڪ ڪيس ۾ 99 ڪوڙن جي سزا جو ڊپ هو.
رپورٽس موجب، 2023 ۾ ايراني معذور آرٽسٽ فاطمه همامي پيرن سان ٺاهيل پينٽنگ رونالڊو کي پيش ڪئي هئي، جنهن تي فٽبالر خوشيءَ مان سندس مٿو چميو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، ايراني قانون موجب اهڙي عمل جي سخت روڪ آهي، جنهن سبب رونالڊو کي ايران ۾ 99 ڪوڙن جي سزا ٿي سگهي ٿي.
You might also like