پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سحري ۽ افطاري ۾ ڪجهه نه پيو ڏنو وڃي.
پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو ته عمران خان سان ملاقاتن تي پابندي کيس رمضان المبارڪ ۾ اذيت ڏيڻ آهي، اطلاع آهن ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڪجهه نه پيو ڏنو وڃي ۽ نيراني روزا رکي رهيا آهن.
هن چيو ته جعلي حڪومت هڪ قيدي کان ڊنل آهي، ملاقاتن تي پابندي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت کي 26هين آئيني ترميم جون زنجيرون ٽوڙي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
You might also like